xدبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومين ورلڊڪپ لاءِ رڪارڊ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي موجب،وومين ورلڊڪپ جي انعامي رقم ۾ 297 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ مجموعي طور تي 13.88 ملين ڊالر رکيا ويا آهن.
ورلڊڪپ جي فاتح ٽيم کي هن سال 4.48 ملين ڊالر ملندا، جيڪي 2022 جي 1.32 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 239 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
ان کانسواءِ عالمي ڪپ جي رنر اپ ٽيم کي 2.24 ملين ڊالر، سيمي فائنل هارائڻ واري ٽيم کي 1.12 ملين ڊالر، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ هر ٽيم کي 2 لک 50 هزار ڊالر ملندا.
آءِ سي سي موجب، گروپ اسٽيچ جي هر ميچ کٽڻ جي صورت ۾ 34 هزار 314 ڊالر جو انعام رکيو ويو آهي.
پنجين ۽ ڇهين پوزيشن تي ايندڙ ٽيم کي 7 لک ڊالر، جڏهن ته ستون ۽ اٺون نمبر حاصل ڪندڙ ٽيم کي 2 لک 80 هزار ڊالر ملندا.
آءِ سي سي وومين ون ڊي ورلڊڪپ جا مقابلا 30 سيپٽمبر کان ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ شروع ٿيندا.
You might also like