شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز دوران تماشائين لاءِ يو اَي اِي اختيارين طرفان نئون پروٽوڪول جاري ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب،تماشائي رڳو پنهنجي ٽيم جي حمايت ڪندا، جڏهن ته مخالف ٽيم جي خلاف نعريبازي يا اشارا نه ڪن.
ان کانسواءِ هدايت ڪئي وئي آهي ته تماشائي پنهنجي سيٽن تي موجود رهن، ٻئي اسٽينڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن، راند دوران ڊوڙڻ يا بدنظمي کان بچن، ۽ ٻين جو احترام ڪن.
اختيارين طرفان ڪرڪيٽ شوقينن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اماراتي قانونن جو احترام ڪيو وڃي ۽ راند جي روح کي برقرار رکيو وڃي.
ياد رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان، متحده عرب امارتن کي 31 رنزن تان شڪست ڏني هئي.
شارجا ۾ ٿيل ميچ ۾ پاڪستان، يو اي اي کي ميچ کٽڻ لاءِ 208 رنز جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ اماراتي ٽيم 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنز ٺاهي سگهي.
You might also like