سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڊينگي ۽ مليريا پکڙجڻ جو خطرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امڪاني وڌيڪ برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري ڊينگي ۽ مليريا مڇر پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ويڪٽر بورن ڊزيز سنڌ، سمورن ضلعي صحت کاتن جي آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي ڊينگي ۽ مليريا جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،. خط ۾ چيو ويو آهي ته صحت جا آفيسر مڇر مار اسپري جي حوالي سان فوري قدم کڻن ۽ جن علائقن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي امڪان آهي، اتي فوري طور تي اسپري مهم شروع ڪئي وڃي. ان کان علاوه سمورن ضلعن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ ٻوڏ جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.