جي ميل جو پاس ورڊ هاڻ ئي مَٽائي ڇڏيو نه ته پڇتائيندئو!

جيڪڏهن توهان جي ميل استعمال ڪندا آهيو ۽ گهڻي عرصي کان پنهنجي اڪائونٽ جو پاس ورڊ تبديل نه ڪيو اٿوَ ته بهتر آهي هاڻي ڪري ڇڏيو.
گوگل طرفان واهپيدارن کي اها صلاح اهڙي وقت ۾ ڏني وئي آهي، جڏهن جي ميل سسٽمز جي ڊيٽا هيڪنگ جون رپورٽون سامهون آيون.
گوگل طرفان جولاءِ جي آخر ۽ پوءِ 8 آگسٽ تي اڍائي ارب واهپيدارن کي نوٽيفڪيشن موڪلي خبردار ڪيو ويو ته هيڪرن طرفان سرگرمين کي وڌائي ماڻهن جا لاگ ان تفصيل حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
هڪ تازي سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ گوگل ٻڌايو ته هيڪ يا چوري ٿيندڙ پاس ورڊز جو انگ مجموعي طور اڪائونٽن جي 37 سيڪڙو جي برابر آهي.
گوگل هڪ گروپ شائني هنٽرز جي باري ۾ ٻڌايو، جنهن ڊيٽا ليڪ سائيٽ تيار ڪئي آهي ته جيئن واهپيدارن کان پيسا حاصل ڪري سگهي.
ڪمپني موجب ان مسئلي جي روڪٿام جي شروعات سڀ کان بنيادي ڪم سان ڪرڻ گهرجي ۽ اها آهي پنهنجو پاس ورڊ تبديل ڪرڻ ۽ هر ڪجهه مهينن ۾ ان کي تبديل ڪرڻ عادت بڻائي ڇڏيو.
گوگل جو چوڻ آهي ته وڌيڪ بهتر اهو آهي ته پاس ورڊ جي جاءِ تي پاس ڪيز لاگ ان طريقي ڪار کي اختيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا جيئن فنگر پرنٽ يا چهري سان اڪائونٽ تائين پهچ ڏني ويندي، هيڪرن لاءِ اهڙن اڪائونٽن تي قبضو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
پاس ڪيز کان هٽي گوگل اهو صلاح به ڏني آهي ته ايس ايم ايس تي ٻڌل ٽو فيڪٽر اٿينٽڪيشن جو استعمال ختم ڪري ڪنهن اٿينٽڪيٽر ايپ جو استعمال ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.