لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان چناب درياهه ۾ وري 8 لک ڪيوسڪ پاڻي بنا اطلاع جي ڇڏيو ويو، جنهن سبب پنجاب هيڊ مراله واري هنڌ وڏي ٻوڏ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب ڀارت سلال ڊيم جا سمورا گيٽ کولي ڇڏيا ۽ پاڻي ڇڏڻ جو باضابطا اطلاع نه ڏنو ويو.
چناب درياهه ۾ هيڊ مراله واري هنڌ درياهه هن وقت معمول موجب وهي رهيو آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر هيڊ مراله واري هنڌ وڏي ٻوڏ جو خدشو آهي.
آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب ڀارت طرفان سلال ڊيم جا گيٽ کولڻ سان 8 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو پاڪستان پهچندو، ڀارت ڪجهه ڏينهن اڳ به 9 لک ڪيوسڪ جو پاڻي ڇڏيو هو.
پنجاب جي ٽن وڏن درياهن چناب، راوي ۽ ستلج ۾ اڳ ئي صورتحال سنگين آهي، هزارين ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، سوين ڍور مري ويا آهن ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 38 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
You might also like