صدر آصف علي زرداري دهشتگردي روڪ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري دهشتگردي روڪ ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اهو نئون قانون سيڪيورٽي ادارن جي دهشتگردي روڪڻ جي صلاحيت مضبوط بڻائيندو.
پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قانون ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻايو ويو آهي، بل ۾ ٽن سالن جو سن سيٽ ڪلاز شامل آهي ته جيئن مدو محدود رهي.
ايوان صدر جي پڌرائيءَ موجب قانون ۾ عدالتي نگراني ۽ حفاظتي قدم شامل ڪيا ويا آهن، اهو قانون پاڪستان کي پيش سيڪيورٽي چيلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم قدم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.