افغان ڪپتان راشد خان جي ڀاءَ جو لاڏاڻو، پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي تعزيت

شارجا (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان راشد خان جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پاڪستان ٽيم جي رانديگرن ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ٽيم جي رانديگرن ۽ مئنيجمينٽ کي افغانستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان راشد خان سان تعزيت ڪندي ڏٺو ويو.
پي سي بي جي وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ” پاڪستاني ڪرڪيٽرن راشد خان سان ملاقات ڪئي، رانديگرن سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.“
واضح رهي ته افغان آل رائونڊر راشد خان جو وڏو ڀاءُ حاجي عبدالحليم شنواري ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽه ملڪي سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن ۾موجود آهن، جتي گذريل ڏينهن ٻنهي ٽيمون وچ ۾ افتتاحي ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان افغانستان کي 39 رنسن تان شڪست ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.