پاڪستان فٽبال فيڊرشن اڪائونٽ کُلي ويو، فيفا وٽان جلد فنڊنگ ملندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) نئون بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
پي ايف ايف جي مالي ڏکيائين جي جلد خاتمي جو امڪان آهي، ڇو ته محسن گيلاني جي سربراهي ۾ لاهور ۾ هڪ نجي بئنڪ ۾ نئون آفيشل اڪائونٽ کوليو ويو آهي.
مقامي بئنڪ فيفا جي سند جي بنياد تي پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو نئون اڪائونٽ کوليو، پي ايف ايف فيفا کي اڪائونٽ بابت اپڊيٽ موڪلي ڇڏي آهي.
بئنڪ اڪائونٽ کولڻ کانپوءِ هاڻي پي ايف ايف کي فيفا جي سموري فنڊنگ جلد ملي ويندي.
واضح رهي ته قانوني مونجهارن جي ڪري پي ايف ايف جو پراڻو اڪائونٽ بند ٿيڻ سبب ماضيءَ ۾ فيفا جا فنڊ منتقل نه ٿي سگهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.