اٽي جي اگهن ۾ واڌ، ڪراچي ۾ سڀ کان مهانگو اٽو

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) ملڪ ۾ اٽو وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، ڳڻپ کاتي موجب هڪ هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت  300 رپيا وڌي وئي. ڪراچي ۾ سڀ کان مهانگو اٽو وڪامجڻ لڳو، جتي 20 ڪلو ٿيلهو 2100 رپين تائين پهچي ويو. اسلام آباد ۾ قيمت 2 هزار رپيا، جڏهن ته لاڙڪاڻو، خضدار، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 280 کان 300 رپيا اضافو ٿيو. لاهور ۾ 20 ڪلو ٿيلهو 1720 رپيا، سرگودها ۾ 160 رپيا ۽ سيالڪوٽ ۾ 83 رپيا مهانگو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.