ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ملين ڊالرن جي هنگامي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي صدر ماساٽوڪانڊا پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.
پڌرائيءَ موجب ايشيا پيسيفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ مان 3 ملين ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستان حڪومت جي درخواست تي ڏني ويندي.
ماساٽوڪانڊا چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، پاڪستان سان گڏ بيٺا آهيون.
You might also like