لڳي ٿو ته ڀارت اسان کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ لاءِ پاڻي جمع ڪري موڪلي رهيو آهي: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڀارت پاڻي کي هٿيار بڻايو آهي، جنهن سان وڏي پيماني تي تباهي ٿي.
نارووال ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي احسن اقبال چيو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته ڀارت پاڻي گڏ ڪري موڪليو رهيو آهي ته جيئن اسان جو وڌ کان وڌ نقصان ٿئي.
هن چيو ته ڀارت آبي جارحيت جو مظاهرو ڪيو، سنڌ طاس معاهدي تحت جيڪڏهن ڀارت پاڪستان سان ورڪنگ انفارميشن شيئر ڪري ها ته اسان جو نقصان اڌ ٿئي ها.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي سرحد کان وٺي هيستائين سڄو علائقو نالي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي پر ٻوڏ جي صورتحال باوجود وڏي پيماني تي ڪو جاني نقصان رپورٽ ناهي ٿيو.
احسن اقبال چيو ته هيءَ اها آفت آهي، جنهن کي موسمياتي تبديلي ٿا چئون، ايندڙ سالن ۾ ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.