ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت، جنهن کي سندس مداح ”سنجو بابا“ جي نالي سان سڃاڻين ٿا، گذريل ٻن ڏينهن کان خبرن ۾ آهي پر ان جو سبب ڪا نئين فلم يا پروجيڪٽ نه پر سندس وڏي نياڻي تريشلا دت طرفان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ ڳوڙهي ۽ پُراثر پوسٽ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، تريشلا دت جيڪا نيويارڪ ۾ رهي ٿي ۽ هڪ نفسياتي ماهر پڻ آهي، سومر ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ نوٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ هن ذهني صحت کي خانداني ساک تي ترجيح ڏيڻ بابت ڳالهايو.
ان پوسٽ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙيو ته ڇا اهو رڳو هڪ عام پيغام هو يا هوءَ پنهنجي خانداني تجربن ڏانهن اشارو ڪري رهي هئي.
جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪو وضاحتي بيان سامهون ناهي آيو، پر ماضي ۾ تريشلا پنهنجي پيءُ سان لاڳاپن بابت کلي ڳالهائي چڪي آهي.
سال 2013 ۾ ”ايڇ ٽي سٽي“ کي ڏنل انٽرويو ۾ تريشلا دت پنهنجي ننڍپڻ جي چئلينجن تي روشني وڌي هئي، ان وقت سندس فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون، پر سنجي دت انڪشاف ڪيو هو ته هن فلمي دنيا ۾ اچڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو آهي.
تريشلا انٽرويو ۾ چيو هو ته ”مون کي ننڍپڻ ۾ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اڄ به روز نون چئلينجز کي منهن ڏيندي آهيان، پر مان سدائين انهن جا حل ڳولي وٺندي آهيان.“
سندس چوڻ هو ته ” ٻين فلمي ستارن جي ٻارن وانگر مون وٽ اها سهولت ناهي ته ماءُ پيءُ هر وقت مدد ڪن، منهنجو پيءُ مون لاءِ ڪنهن کي فون ڪري يا سفارش ڪرائي، سڀ ڪجهه مون کي پاڻ ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهو واقعي ڏکيو آهي.“
سندس وڌيڪ چوڻ هو ”جڏهن مان شاهه رخ خان جهڙن ماڻهن کي ڏسان ٿي، جيڪي بنا ڪنهن فلمي پس منظر يا سهاري جي رڳو صلاحيت ۽ محنت سان ڪامياب ٿيا، ته مون کي به يقين ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هو ڪري سگهن ٿا ته مان به ڪري سگهان ٿي، اسان جيڪو ڪجهه چاهيون، اهو حاصل ڪري سگهون ٿا.“
ياد رهي ته تريشلا، سنجي دت جي پهرين گهرواري رچا شرما جي ڌيءَ آهي، جيڪا سال 1996 ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، ان کان پوءِ تريشلا جي پرورش آمريڪا ۾ سندس نانيءَ ناني ڪئي.
سنجي دت رچا جي وفات کان پوءِ ريا پلئي سان شادي ڪئي پر اهو رشتو گهڻو عرصو جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ سال 2008 ۾ هن مانيتا دت (جنهن جو اصل نالو دلنواز شيخ آهي) سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن جاڙن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.