ڪوهلي طرفان انسٽا تي ” بولڊ تصويرون لائيڪ ڪرڻ وارو معاملو، اداڪارا جو به ردعمل اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا اونيت ڪور نيٺ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوھلي طرفان سندس بولڊ تصويرن کي انسٽاگرام تي لائڪ ڪرڻ واري معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هلندڙ سال مئي ۾ ويرات ڪوھلي ان وقت سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيو، جڏهن سندس تصديق ٿيل انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ فين پيج تي اونيت ڪور جي بولڊ تصويرن کي لائڪ ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اونيت جون اهي تصويرون 30 اپريل تي هڪ فين پيج تي پوسٽ ڪيون ويون هيون، جن ۾ اداڪارا کي سائي رنگ جي ٽاپ ۽ مني اسڪرٽ پهريل هو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن جڏهن اداڪارا جي تصويرن تي ڪوھلي جو لائيڪ ڏٺو ته اها پوسٽ تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي، ڪيترن ئي ماڻهن اڳڪٿيون شروع ڪري ڇڏيون، ڪجهه واهپيدارن ان معاملي ۾ ڪوھلي جي زال ۽ بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما کي به ٽيگ ڪيو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ميمز جو طوفان اچي ويو.
ميڊيا ۾ معاملو اچڻ کان پوءِ ويرات ڪوھلي هڪ وضاحتي بيان جاري ڪيو، انسٽاگرام اسٽوري تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ” مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جڏهن مان پنهنجي انسٽاگرام فيڊ صاف ڪري رهيو هوس، ان وقت ممڪن آهي ته الگورٿم جي ڪري اها تصوير غلطيءَ سان لائڪ ٿي وئي هجي. اهڙو ڪو ارادو نه هو. مهرباني ڪري اڳڪٿين کان پاسو ڪريو.“
جالنڌر سان واسطو رکندڙ ۽ هن وقت ممبئي ۾ رهندڙ اداڪارا اونيت ڪور ان معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو ته ”ملندو رهي پيار، ٻيو ڇا چئي سگهان ٿي.“
واضح رهي ته اداڪارا اڄڪلهه عالمي پروجيڪٽ ”لو ان ويٽنام“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، جيڪا جلد ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.