ڪورونا وبا جو ڪارڻ يا ماحوليات جا محافظ، چمڙن بابت اسان ڇا ڄاڻون ٿا؟

گهڻي ڀاڱي اسان وٽ چمڙن کي بُري ساک وارا سمجهيو وڃي ٿو، لوڪ ڪٿائن ۽ ميڊيا ذريعي ناڪاري انداز سان پيش ڪرڻ سبب ماڻهو انهن کي ويمپائر سان جوڙين ٿا يا بيماريون ڦهلائڻ جو ذميوار قرار ڏين ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، دنيا ۾ چمڙن جي آبادي گهٽجي رهي آهي، انهن کانسوا ماحولياتي نظام جيتن تي ظابطي ۽ ٻچن جي ڦهلاءُ جهڙن اهم فائدن کان محروم ٿيندو پيو وڃي.
مڪسيڪو يونيورسٽي ۾ ماحوليات جي هڪ سينيئر پروفيسر روڊريگو ميڊلِين جي خواهش آهي ته ماڻهو هن جاندار بابت پنهنجو نظريو بدلائين، ۽ اهو ئي سندس مشن آهي.
چمڙن سان ميڊلِين جو لڳاءُ 13 ورهين جي عمر کان شروع ٿيو، جڏهن هن پهريون ڀيرو هڪ چمڙو هٿ ۾ پڪڙيو.
سندس چوڻ آهي ته ”ان وقت ئي مان فيصلو ڪيو ته زندگي ۾ انهن جو مطالعي ۽ تحفظ لاءِ پتوڙيندس.“
ميڊلِين موجب ٿا” امن، اوندهه، چمڙن جون رڙيون ۽ ماٺار، مان هڪ غار سڪون محسوس ڪندو آهيان ۽ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته اهو احساس ٻين تائين به پهچايان.“
پروفيسر ميڊلِين رولڪس”پرپيچوئل پلانيٽ انيشيٽو“ نالي هڪ تنظيم وڳيل آهن ۽ پنهنجي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي.
هن لاطيني آمريڪا ۾ چمڙن جي سائنسدانن جو هڪ نيٽورڪ قائم ڪيو، جنهن جو نالو آهي ”ليٽن آمريڪا نيٽورڪ فار بيٽ ڪنزرويشن اينڊ گلوبل سائوٿ بيٽس“ آهي.
دنيا ۾ چمڙن جا 1400 کان وڌيڪ قسم آهن. هي اڪيلو اهڙو جاندار آهي جيڪو رڳو ” گلائيڊنگ“بدران حقيقي طور تي طاقت سان اُڏري سگهي ٿو.
چمڙو رات جو گهمڻ ڦڙڻ ۽ شڪار جي ڳولا لاءِ ايڪولوڪيشن (آواز ذريعي سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت) استعمال ڪري ٿو. انهن منجهان ڪجهه چمڙا ايترا حساس هوندا آهن جو اِهي انساني وارن جهڙين ننڍڙين شين شين کي به محسوس ڪري سگهن ٿا.
اهڙن چمڙن جا به کوڙ قسم آهن جيڪي 30 سال تائين جيئرا رهي سگهن ٿا.
پروفيسر ميڊلِين جو چوڻ آهي ”هي نهايت پراسرار آهن، کوڙ ماڻهن کي انهن کان ڊپ ٿئي ٿو، تنهنڪري هو مٿن حملو ڪندا آهن ۽ کين حقير سمجهن ٿا. ڌرتي جي گولي تي شايد سڀ کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ ورتاءُ انهن سان ڪيو وڃي ٿو.“
چمڙن کي عام طور تي بُرائي ۽ اوندهه جي علامت سمجهيو ويندو آهي، جنهن سان سڀ کان وڏو ڪارڻ اولهه جي لوڪ ڪٿائون آهن، جن ۾ انهن کي ويمپائرز ۽ مافوق الفطرت مخلوق سان ڳنڍيو وڃي ٿو.
مسيحي يورپ جي تاريخ ۾ به چمڙن جو واسطو شيطان، بدروح ۽ ڏائڻن سان جڙيل نظر اچي ٿو .
ان جي ابتڙ، اوڀر جي ثقافتن ۾ چمڙن کي وڌيڪ هاڪاري معنيٰ ۾ ڏٺو وڃي ٿو، مثال طور چيني ثقافت ۾ چمڙو ڀاڳ ۽ خوشي جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
چمڙن بابت ڪورونا وبا کانپوءِ ماڻهن جو تصور وڌيڪ خراب ٿي ويو، ڇو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ان بيماري چمڙن مان جنم ورتو ۽ پوءِ سڄي دنيا کي مفلوج ڪري ڇڏيو.
ان حوالي سان پروفيسر ميڊلِين وضاحت ڪندي چيو ته ” چمڙن سان توهان جي ڪُتي يا ٻلي کان وڌيڪ بيماريون نه ٿينديون،ان ڳالهه کي گهڻو وڌائي پيش ڪيو ويو آهي.“
سندس چوڻ هو ته ”چمڙن جو سڀ کان وڏو ڪم جيتن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي،. مثال طور، اهي ميڪسيڪو جي اترين سرحدن وٽ هر رات مجموعي طور اٽڪل 300 ٽن ڪيڙا کائي وڃن ٿا.“
” ان کانسواءِ، ميوا کائيندڙ چمڙا ٻج پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇو ته اهي خوراڪ جي ڳولا ۾ گهڻو ڏوراُڏامندا رهن ٿا.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.