10 منٽن اندر ذيابطيس جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون ٽيسٽ تيار

ماهرن دنيا جي پهرين سمارٽ فون ٽيسٽ تيار ڪئي آهي، جيڪا 10 منٽن کان گهٽ وقت ۾ شگر ٽائپ 2 جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي.
ڪمبريا ۽ انگلينڊ جي اتر اوڀر ۾ موجود اين ايڇ ايس ٽرسٽ اهي پهريان ادارا آهن، جن ڊائبيٽيز هيلٿ چيڪ اپ تائين مريضن کي پهچ ڏني آهي، جڏهن ته ملڪي سطح تي ان ايپ کي هن سال جي آخر تائين جاري ڪيو ويندو.
ايپ ٺاهيندڙ ڪمپني PocDoc موجب اها ٽيسٽ اين ايڇ ايس جا اربين پائونڊ خرچ ٿيڻ کان بچائيندي.
اها نئين ٽيسٽ ان دائمي بيماري جي علاج ۾ انقلابي تبديليون آڻيندي، جنهن تي ساليانو اين ايڇ ايس جا 8.8 ارب پائونڊ خرچ ٿيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.