واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال فٽبال ورلڊڪپ جو ڊرا واشنگٽن ۾ ٿيندو.
ڊرا جي تقريب 5 ڊسمبر تي جان ايف ڪينيڊي سينٽر فار دي پرفارمنگ آرٽس ۾ ڪوٺائي ويندي، جنهن جو ٽرمپ طرفان باظباطا اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ايندڙ فٽبال ورلڊڪپ جي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو گڏيل طور ميزباني ڪندا، عالمي ڪپ دوران ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا ۾ 13، 13 ميچون کيڏيو وينديون، جڏهن ته باقي ميچون آمريڪا جي 11 شهرن ۾ ٿينديون.
You might also like