ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي بولڊ فيشن سبب سدائين تنقيد کي منهن ڏيندڙ اداڪارا حرا ماني تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد شروع ٿي وئي.
هن ڀيري حرا ماني تي برسات ۾ بولڊ فوٽو شوٽ تي تنقيد ٿي رهي آهي.
حرا ماني برساتي موسم جو لطف وٺندي نيري رنگ جي بولڊ سلڪ ساڙي ۾ فوٽو شوٽ ڪرايو ۽ پنهنجي تصويرن کي رومانوي جملي سان گڏ شيئر ڪيو.
هن لکيو ته ”موسم بتا رها هي شرارت ڪس ڪي هي، بوندين بتا رهي هين حرارت ڪس ڪي هي“.
واهپيدارن اداڪارا تي تنقيد ڪندي چيو ته هي وقت بولڊ فوٽو شوٽ ناهي، ٻوڏ ۽ ڏکيا ڏينهن آهن، ملڪ ۾ سوڳ آهي.
هڪ واهپيدار ياد ڏياريو ته حرا ماضي ۾ چيو هو مان اهڙو لباس نه پائينديس، جنهن کي ڏسي ٻار شرمندگي محسوس ڪن.
ڪجهه ماڻهن کيس صلاح ڏني ته هوءَ عائزا خان ۽ ماهرا خان جهڙي سادگي اختيار ڪري.
You might also like