اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل تازي آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي مشهور موبائل ڪمپني ”جاز“ مالي سال 24-2023 دوران پنهنجي واهپيدارن کان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي طرفان منظور ڪيل اگهن کان وڌيڪ چارجز وصول ڪيا.
رپورٽ موجب پي ٽي اي مختلف موبائل پيڪيجن جي اگهن جي منظوري ڏني هئي پر جاز انهن اگهن کان وڌندي واهپيدارن کان مجموعي طور تي 6 ارب 58 ڪروڙ 30 لک رپيا مٿي وصول ڪيا.
آڊٽ ۾ چونڊيل هفتيوار ۽ ماهوار پيڪيجن جو تجزيو ڪيو ويو، جنهن سان اهو فرق واضح ٿيو، جڏهن ته رپورٽ ۾ پي ٽي اي جي ريگوليٽري نگراني کي ڪمزور قرار ڏنو ويو آهي.
هوڏانهن پي ٽي اي موبائيل نيٽ ورڪ آپريٽر جاز طرفان اگهن ۾ غير مجاز واڌ بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي.
پي ٽي اي وضاحت ڏني ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل ٽيرف ايڊجسٽمينٽس اٿارٽي جي مقرر فريم ورڪ تحت باقاعدي منظور ٿيل آهن.
پي ٽي اي موجب سوشل ميڊيا تي پکڙيل ڳالهيون بي بنياد آهن، جڏهن ته منظوريون آڊٽ عمل دوران تصديق لاءِ ڏنيون ويون آهن، واهپيدارن جي مفادن جي تحفظ ۽ شفاف ٽيليڪام نظام لاءِ قدمن تي عمل جاري آهي.
You might also like