ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ جڏهن به فٽنيس جي ڳالهه ٿيندي آهي ته فٽنيس لا اڪشي ڪمار پنهنجي الڳ معيار رکي ٿو، 57 ورهين جي عمر ۾ به فلم ۾ سندس انرجِي ۽ فائٽنگ سين مداح مداح ائين ئي انجواءِ ڪن ٿا جئين ماضي ۾ ڪندا هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اڪشي ڪمار جي فٽنس جي راز سندس اسٽنس ۽ معياري خوراڪ سميت شارٽ ڪٽس بدران منظم زندگي آهي، ويجهڙائي ۾ اڪشي پنهنجي فٽنيس جو راز تان پردو کنيو آهي.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪشي ڪمار انڪشاف ڪيو ته سندس صحتمند زندگيءَ جو راز ٽن شين تي ٽڪيل آهي، هفتي ۾ هڪ ڀيرو فاسٽنگ( روزو) سج لهڻ کان اڳ ڊنر ۽ روايتي ويٽ ٽريننگ کان پاسو ڪرڻ.
اداڪار موجب، هو فٽ رهڻ لا هر سومر تي روزو رکندو آهي، ان ڏينهن هو ڪجهه به ناهي کائيندو، آچر ڏينهن هو پنهنجي آخري خوراڪ واپرائيندو آهي جنهن کانپو سومر وارو سڄو ڏينهن بُک تي گذاري اڱاري ڏينهن ڪجهه کائيندو آهي، ان کانسوا هو شام ساڍي ڇهين وڳي کان اڳ پنهنجي رات جي ماني کائيندو آهي.
جلد ماني کائڻ جو ڪارڻ بابت اڪشي ڪمار جو چوڻ هو ته ” مان سمجهان ٿو ته انسان جسم جي سمورن حصن ۾ جيڪڏهن پنهنجي معدي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي ته بيمارين کان پري رهي ٿو، تنهنڪري شام جو ساڍي ڇهين وڳي تائين رات جي ماني کائڻ ضروري آهي ڇو ته اهڙي طرح توهان کي ماني هضم ڪرڻ جو وقت ملي ويندو آهي.“
هن چيو ته ” جيڪڏهن توهان جلدي ماني کائي رات نائين کان ڏهين وڳي تائين سُمهي پوندا ته اهڙي صورتحال ۾ توهان جو پيٽ به مڪمل طور آرام ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.“
هن چيو ته اڄڪلهه گهڻا ماڻهو جم ۽ ويٽ ٽريننگ کي فٽنيس جو ذريعو سمجهن ٿا، پر هو پاڻ اهڙي ٽريننگ کان پاسو ڪري ٿو، ان بدران سندس ورڪ آئوٽ ۾ جبلن تي چڙهڻ، آئوٽ ڊور رانديون ۽ باڊي ويٽ ايڪسرسائيز شامل آهن.
اداڪارا مزاحيه انداز ۾ هن چيو ته ” جم ڀولن لاءِ آهي، سولن لفظن ۾ جِم لٽڪڻ ۽ چڙهڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.“
You might also like