ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 27 آگسٽ کان هڪ ٻئي چوماسي سسٽم تحت سنڌ ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان 27 آگسٽ دوران ملڪ جي مٿانهن ۽ وچين علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته چوماسي جو هڪ ٻيو سسٽم 27 آگسٽ کان سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب چوماسي هوائون ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، 27 کان 29 آگسٽ دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينهن وسي سگهي ٿو.
Next Post
You might also like