عمرڪوٽ (ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سربراهه سيد زين شاھ جي عمرڪوٽ آمد، عمرڪوٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪرڻ بعد مالھي ھائوس تي پي ٽي آئي اڳواڻ لال مالهي جي ڏنل آجياڻي ۽ وھرو شريف ۾ ايس يو پي طرفان رکيل قومي ڪچھري ۾ شرڪت ڪئي، سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ملڪ جو جمھوري نظام تباھ و برباد ٿي چڪو آھي، ملڪ ۾ قائم ظلم ۽ دادگيري خلاف جدوجھد کي تيز ڪريون پيا، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي ليول تي قومي ڪچھريون ڪري رھي آھي، 91 جي ايڪارڊ تحت پاڻي جي وھڪرن ۽ انڊس ريور کي ھلائن، سڄي پاڪستان مان منرلز تي جيڪي قراردادون پيش ڪرڻ چاھين ٿا اھي روڪيون وڃن گرين پاڪستان انيشيٽو تحت جيڪي ڪينالن ذريعي زمينون آباد ڪرڻيون ھيون ھاڻي اھي زمينون واپس ڪيون وڃن، هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڻي وھڪرن، معدنيات ۽ زميني وسيلن جي سودي تي حڪومت جو حصو بڻجي ٿي،