اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيٽر فيصل واوڊا چيوآهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين کي ڪجهه ماڻهو ڏاج ۾ مليل هوندا آهن جيڪي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا آهن،2026ع ۾ مون کي پاڪستان ترقي ڪندي نظر اچي پيو،،ڪنهن پارٽي وٽ بيانيو ناهي ،2026ع ۾ سموريون پارٽيون بيانيون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديون،،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ انتظامي يونٽ کپن ئي کپن، پنجاب کان شروعات ڪئي وڃي،پي ٽي آءِ جي منشور ۾ آهي ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن،صوبا ڪم ڪن پيا ته پوءِ وفاق کي بند ڪري ڇڏيون،هن چيو ته گورننس رڳو سنڌ نه پوري پاڪستان جو مسئلو آهي، ڪڻڪ خراب گهرائي وئي،کنڊ جو اسڪينڊل آيو،نالن تي دڪان ۽ پلازا بڻايا ويا ته تڏهن ڪنهن به ڪارروائي نه ڪئي،نسلا ٽاور جي منظوري ڪنهن ڏني؟وزير ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي نه ٿي،هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو به حل ڪيو ويندو، صوبائيت جي نه ايڊمنسٽريٽو يونٽ جي ڳالهه پيو ڪريان،هن چيو ته سياستدانن جون عادتون تبديل ڪيون پيون وڃن جڏهن سياسي فطرت تبديل ٿيندي ته پوءِ ملڪ ترقي ڪندو، سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته نئين صوبي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنهن اهڙي قررداد پيش ناهي ڪئي،اتي ڪڏهن ڳالهه به ناهي ٿي،پنجاب اسيمبلي 2013ع ۾ نون صوبن جي قرارداد پيش ڪئي هئي،پنجاب ۾ نئون صوبو ٺهي ٿو ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي،هن چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي اءِ سميت سمورين جماعتن جو اتفاق آهي ته سنڌ ۾ نئون صوبو نه ٺهڻ گهرجي، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ هر پنجن سالن کان پوءِ ٿيڻ گهرجي،اين ايف سي تي صوبن کي وڌيڪ حصو ملڻ تي اعتراض ٿي رهيا آهن،مسئلو ايف بي آر جو آهي،وڌيڪ پئسا گڏ ٿي سگهن ٿا، وفاق جي روينيو ڪليڪشن وڌائڻ سان صوبن ۽ وفاق کي فائدو ٿيندو،جي ايس ٽي آ ن گوڊز جي اوڳاري جو اختيار سنڌ کي ڏنو وڃي،ايف بي آر جون پنهنجون خاميون ڪوتاهيون آهن،هن چيو ته اين ايف سي اشو ناهي،صوبن جي حصي ۾ گهٽتائي نٿي ٿي سگهي، پنجاب،ڪي پي ۽ بلوچستان ۽ سنڌ پنهنجو حصو گهٽائڻ لاءِ تيار نه هوندا،ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن جي ذميوارين ۾ اضافو ٿيو آهي،صوبن ڪم ڪري ڏيکاريو آهي،هن چيو ته موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن،200 ملي ميٽر برسات بعد روڊن تي پاڻي ته بيهڻو آهي،قدرتي آفت ۾ تڪليف ٿيندي اهي،اسان ڪراچي جا سمورا روڊ ڪليئر ڪري ڇڏيا هئا،هن چيو ته ڪراچي ۾ 17 ماڻهو مرڻ سان نون صوبن جي ڳالهه نه ڪئي وڃي،2022ع جي برسات ۾ ڪافي نقصان ٿيا هئا،صوبن جو معاملو صوبائي اسيمبلين تي ڇڏيو وڃي، صوبا ٺهن يا نه ان ڳالهه جو فيصلو به چونڊيل نمائندن کي ئي ڪرڻو آهي،فيصل واوڊا پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ته ڀلي ويٺو ڪري،اسيمبلين ۾ ويٺل چونڊيل ماڻهن جي راءِ بهتر ٿي سگهي ٿي،جمهوريت کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي،پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شفقت عباس اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ ملتان ۾ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو هو، پوري پاڪستان ۾ نوان انتظامي يونٽ بڻجڻ گهرجن،پهرين پنجاب کان شروعات ڪئي وڃي،عمران خان ڪڏهن به معافي نه وٺندو،ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي،هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري.