قاتلن سان ٺاهه! ام رباب جو اهم بيان اچي ويو

دادو (ويب ڊيسڪ) ام رباب چانڊيو سوشل ميڊيا تي سوديبازي جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ام رباب چانڊيو پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس ۾ مخالف ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پر ام رباب چانڊيو اهڙين خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي.
وڊيو بيان جاري ڪندي ام رباب چيو ته قاتل پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ڇو ته اهي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، کين اسلام ۽ قانون جي سزا جو علم آهي، اهي اسان کي هراسان ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان ڪا سوديبازي نه پيا ڪيون.
هن چيو ته مان مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهيان، جيستائين قاتلن کي ڦاهي نٿي ملي تيستائين بيٺي رهنديس، منهنجو اهو بيان ٻڌي ڇڏيو، سنڌ جو شعور ٻڌي، جدوجهد جاري رهندي.
سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن به سردارن سان سوديبازي نه ڪنديس، مان پنهنجي پيءُ جو بغاوت جو علم کڻي بيٺي آهيان، جاگيرداراڻي نظام خلاف جدوجهد ڪامياب ٿيندي ۽ مون کي يقين آهي ته هڪ نئين تاريخ لکجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.