دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي سان دنيا جو پهريون ”اَي آءِ پسنجر ڪوريڊور“ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن سان مسافر بنا پاسپورٽ يا ٽڪيٽ ڏيکارڻ جي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهن ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، ايمريٽس ايئر لائين ذريعي ايندڙ يا ويندڙ مسافرن کي رڳو اي آءِ سسٽم مان گذرڻو پوندو، جيڪو سندن بائيو ميٽرڪ ۽ ڊجيٽل ڊيٽا ذريعي سڃاڻپ ڪندو.
هي ”ريڊ ڪارپٽ“ نالي ڪوريڊور هڪ وقت ۾ 10 ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اِهو سسٽم مسافرن جو وقت بچائيندو ۽ سندن سفر جو انداز بدلائي ڇڏيندو، ڇو ته جتي روايتي پاسپورٽ ڪنٽرول تي ڪيترائي منٽ لڳندا آهن، اتي اي آءِ ڪوريڊور ۾ اِهو مرحلو ڪجهه سيڪنڊن اندر مڪمل ٿي ويندو.
سسٽم دوران ڪنهن به شڪ يا ضابطي جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ عملو دستي طور سڃاڻپ جي تصديق ڪندو، پر مجموعي طور اهو عمل سيڪيورٽي کي متاثر نه ڪندو.