مشهور آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪمپني اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان لکيل تحرير کي سڃاڻڻ لاءِ نئون ٽول ٺاهي ڇڏيو.
ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب اوپن اي آءِ هڪ اهڙو ٽول ٺاهيو آهي، جيڪو امڪاني طور اهڙن شاگردن کي فوري طور پڪڙي سگهي ٿو، جيڪي پنهنجي اسائنمنٽس لکڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ڪندا آهن پر ڪمپني اڃا ان ڳالهه تي غور ڪري رهي آهي ته ان ٽول کي عام ماڻهن لاءِ جاري ڪجي يا نه.
ڪمپني جي هڪ ترجمان موجب اهي ”ٽيڪسٽ واٽر مارڪنگ“ جي طريقي تي تحقيق ڪري رهيا آهن، جنهن سان خبر پئجي سگهي ٿي ته تحرير چيٽ جي پي ٽي جي آهي يا نه.
اوپن اي آءِ جو چوڻ آهي ته اڳ به اهي اهڙا ٽول ٺاهي چڪا آهن پر اهي وڌيڪ درست نه هئا، تنهن ڪري انهن کي گذريل سال بند ڪيو ويو.
ڪمپني موجب اهو طريقو ڪجهه حالتن ۾ ناڪام به ٿي سگهي ٿو، جيئن تحرير کي ترجمو ڪرڻ، ٻيهر لکرائڻ يا ڪنهن ٻئي اي آءِ ماڊل ذريعي تبديل ڪرڻ.
You might also like