رانديگرن جي غير معياري فٽنيس، بي سي سي آءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) رانديگرن لاءِ نئين فٽنيس ٽيسٽ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، رانديگر هاڻ فٽنيس بهتر ڪرڻ لاءِ ”برونڪو ٽيسٽ“ ڏيندا، جيڪا عام طور رگبي رانديگرن جي فٽنيس پرکڻ لاءِ ورتي ويندي آهي.
برونڪو ٽيسٽ ۾ رانديگر کي بنا رنڊڪ 20 ميٽر، 40 ميٽر ۽ 60 ميٽر جي شٽل رننگ مڪمل ڪرڻي پوندي، هڪ رانديگر کي بنا بريڪ ڪل 5 سيٽ مڪمل ڪرڻا هوندا، جڏهن ته ٽيسٽ مڪمل ڪرڻ جو وقت 6 منٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، برونڪو ٽيسٽ جي تجويز ڀارتي اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ ايڊرين لي روڪس ڏني.
سندس چوڻ آهي ته فاسٽ بالرن کي جِم بدران وڌيڪ رننگ ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير به ان ٽيسٽ جي حمايت ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اِها ٽيسٽ انگلينڊ خلاف سيريز کانپوءِ لاڳو ڪئي ويندي، جتي ڪجهه فاسٽ بالرن جي فٽنيس غير معياري رهي، ڪجهه رانديگر اڳ ئي بي سي سي آءِ جي سينٽر آف ايڪسيلينس ۾ برونڪو ٽيسٽ ڏئي چڪا آهن.
ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي يو يو ٽيسٽ به لاڳو آهي، جنهن ۾ رانديگرن کي مقرر وقت ۾ 2 ڪلوميٽر ڊوڙايو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.