اميتاڀ بچي سگهيو نه امباڻي، ممبئي ۾ برسات ڪيئي ستارن جا شاهاڻا گهر ٻوڙي ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي ۾ رڪارڊ برسات سبب بالي ووڊ اسٽارن جا شاهاڻا گهر به پاڻي هيٺ اچي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، شهر ۾ 24 ڪلاڪن دوران 300 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جنهن سبب روڊن سميت پوش علائقا به ٻڏي ويا.
رپورٽن موجب، بالي ووڊ شهينشاهه اميتاڀ بچن جو 200 ڪروڙ رپين جو بنگلو ”پرتيڪشا“ به پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
وائرل ڪلپ ۾ هڪ شهري ٻڌائي رهيو آهي ته ممبئي ۾ لڳاتار برسات سبب اميتاڀ بچن جي بنگلي جو مين گيٽ ۽ اندروني حصا پاڻيءَ ۾ هيٺ اچي ويا آهن.
هن چيو ته ”ڀلي ڪيترو به پئسو هجي، نه اميتاڀ بچي سگهيو نه امباڻي، ممبئي جي برسات کان ڪو به محفوظ ناهي.“
ڀارتي اخبار هندوستان ٽائمز موجب، اميتاڀ بچن کانسواءِ راني مکرجي جي ساهرن، ڪاجول ۽ اجي ديوگن جو گهر ۽ ڌرميندر جي گهر ۾ به برساتي پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.