ڪراچي ۾ برساتن جو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برساتن جي حوالي سان اهم آگاهي ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ اڄ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي موجب اتر عربي سمنڊ مٿان ٻه مختلف چوماسي سسٽم موجود آهن، هڪ ڏکڻ اوڀر ڪيٽي بندر جي ڀرسان ۽ ٻيو ڪڇ ريجن جي مٿان آهي.
اهي سسٽم ڏکڻ اوڀر ۽ سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ مسلسل ڪڪر ٺاهيندا رهندا ۽ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان رات دير تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي پر سسٽم سڀاڻي صبح تائين شهر مان نڪري ويندا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 27 آگسٽ کان سنڌ ۾ برساتن جو نئون سلسلو اچڻ جو امڪان آهي، جيڪو 30 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.