ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي اداڪارا گيتا بسرا انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي مڙس ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه آڏو شادي کان اڳ 300 وڪيٽون وٺڻ جي شرط رکي هئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هرڀجن گيتا بسرا جو پوسٽر ڏسي ئي ايترو ديوانو ٿي ويو جو پهرين نظر ۾ ئي کيس زال بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، پر گيتا بسرا شادي لاءِ آخري ”ها“ ڪرڻ تائين هرڀجن بابت هٻڪ جو شڪار رهي ۽ هن ان ڳالهه جو به انڪشاف ڪيو آهي ته شادي لاءِ هڪ شرط رکي هئي جيڪا هرڀجن پوري به ڪئي.
ويجهڙ ۾ ڏنل تازو ڏنل هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو دوران گيتا بسرا چيو ته ”مون شادي کان اڳ هرڀجن لاءِ آڏو شرط رکي هئي، جيڪا پوري ٿيڻ تي ئي اسان جي شادي ٿي “
گيتا موجب ”هرڀجن منهنجو هڪ پوسٽر ڏٺو هو ۽ ان وقت ئي مون سان محبت ۾ ٿي وئي، پوءِ هن يووراج سنگهه کان منهنجو نمبر ورتو ۽ مون کي ميسيج ڪيو، پر مون ڪو جواب نه ڏنو ڇو ته مون کي ڪرڪيٽ يا ڪرڪيٽرن ۾ ڪا دلچسپي نه هئي.“
گيتا جو چوڻ هو ته”ڀارت جي ورلڊڪپ کٽڻ کانپوءِ مون هرڀجن کي واڌايون ڏيندي جواب ڏنو۔ پوءِ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو اڳتي وڌيو ۽ هرڀجن پهرين ملاقات ۾ ئي شادي جي خواهش ظاهر ڪئي، ان وقت مان 21 ورهين جي هيس ۽ بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ جي خواهشمند هيس.“
گيتا چيو ته ”شادي جي افواهن بعد مون کي 4 فلمن مان هٿ ڌوئڻا پيا، نيٺ 10 مهينن کانپو مون هرڀجن سان هڪ شرط تي ’ها‘ ڪئي، مون چيو ته جڏهن تون 300 وڪيٽون وٺندين ته آئون توسان شادي ڪنديس، ٿورڙي ئي وقت ۾ هرڀجن 300 وڪيٽون وٺي ڏيکاريون ۽ مون کيس شادي لا ’ها‘ ڪئي.“
ياد رهي ته گيتا ۽ هرڀجن ڪجهه وقت هڪٻئي کي ڊيٽ ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار 2015 ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا، جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.
You might also like