ڪراچي(چيف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان ٻن مهينن کان جاري سرگرميون اڃا تائين ڪنھن حتمي نتيجي تي نه پھتيون آھن،ذريعن موجب ڪجهھ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ ۽ نون وزيرن کي شامل ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿيڻ باوجود ان تي عملدرآمد نه پيو ٿئي۔ اطلاعن موجب هڪ عورت ايم پي اي کي اطلاعات کاتو ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته سينئر وزير وٽ صرف ٽرانسپورٽ کاتو رهندو،ساڳي ريت سيد غني کان بلديات کاتو واپس وٺي ناصر شاهه کي ٻيهر هي وزارت ڏيڻ جي تجويز زير غور آهي۔ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن جو کاتو سردار محمد خان مھر کان واپس وٺي کيس روينيو يا خزانو ڏنو وڃي سگهي ٿو۔ مختلف وزارتن جي حوالي سان جوڙ توڙ ۽ اختلاف وڌي رھيا آھن ۽ ڪيترن ئي اهم وزيرن جي مستقبل تي سوال اٿيو آھي۔ سڀ کان اهم گهرو وزارت تي صورتحال غير واضح آھي، جتي پارٽي اڳواڻن ۽ پوليس آفيسرن ۾ ڳالهيون هلن پيون آھن ته صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندو يا نه۔ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جيڪي نالا تجويز ڪيا ويا آهن، انهن تي پارٽي اندر ڪجهه اختلاف راءِ موجود هئڻ جا اطلاع آهن، برهان چانڊيو، فياض ٻٽ، پارس ڏيرو ۽ ٻين کي وزارت ڏيڻ جي فيصلي تي مقامي سطح تي سخت مخالفت سامهون آئي آهي۔ ان ئي دوران هي الزام به لڳايو پيو وڃي ته ڪجه وزارتون لڪل نموني خريد و فروخت جو ذريعو بڻجي ويون آهن، سياسي مبصرن موجب سڀ کان وڏو تڪرار بلديات کاتي کي وٺي پيدا ٿيو آهي۔ اطلاعن موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي اثر رسوخ رکندڙ گروهن جي ڪري سعيد غني کي ڪمزور بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ اڳوڻي انتظاميه تي الزام آهي ته انهن ڄاڻي واڻي ان اداري جي آفيسرن کي تعاون کان روڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ بلديات وارو وزير پنهنجا هدف حاصل نه ڪري سگهيو۔ دٻاءُ وڌڻ تي سعيد غني هن وزارت تان هٽائڻ جي به درخواست ڏني۔ساڳئي وقت سنڌ جي وڏي وزير تي به پارٽي اندر کان الزام لڳايا پيا وڃن ته هن تازو عمارت ڪرڻ جي واقعي کان پوءِ اهڙو آفيسر ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو، جيڪو هاڻي پارٽي اڳواڻن لاءِ مشڪل بڻجي ويو آهي۔ ذريعن موجب شاه ميـر ڀٽو نالي هي آفيسر ايندي ئي درجنين آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ۽ مبينه ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو، جنهن سبب ڪيترائي بااثر حلقا ناخوش ٿي ويا۔ هاڻي هن آفيسر کي اختيارن کان محروم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ٿي رهي آهي.