ڪراچي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، برسات دوران ميئر ۽ سنڌ حڪومت گم رهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ڪچرو نالن ۾ ڦاسندو ته پاڻي ڪيئن نڪرندو، پنهنجون ڪوتاهيون تسليم ڪيو، توهان شهر مان ڪچرو ناهي کنيو تنهن ڪري پاڻي جي نيڪالي نه ٿي سگهي.
هن چيو ته ميئر صاحب چئي رهيو آهي ايندڙ اسپيل جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، دعا ڪيو ٻيو اسپيل نه اچي ۽ بچاءُ ٿي وڃي، سنڌ حڪومت گذريل 17 سالن دوران ملندڙ 22 هزار ارب رپين جو حساب ڏئي، شهر جي مسئلن جي حل لاءِ سياسي جماعتن کي گهرايو، ويهي ڳالهايو، مسئلن جو حل ڪڍنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.