افغانستان ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، 76 مسافر فوت

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي هرات ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 76 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
اختيارين موجب حادثو گذاره ضلعي ۾ پيش آيو، هڪ مسافر بس، جيڪا ايران مان واپس ايندڙ افغان شهرين کي ڪابل کڻي وڃي رهي هئي ته تيل سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن کانپوءِ باهه ڀڙڪي پئي.
حادثي ۾ 76 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽي سخت زخمي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.