آمريڪي رياست ايريزونا ۾ سوشل ميڊيا انفلوئنسر يارلي ايشلي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب 27 ورهين جي ايشلي کي جهيڙي دوران 33 ورهين جي جوابدار فائرنگ ڪري قتل ڪيو، گولي سڌي سندس مٿي ۾ لڳي، جنهن ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي ۽ اسپتال نيئندي دم ڏئي ڇڏيائين.
واقعي وقت سوشل ميڊيا انفلوئنسر سان گڏ سندس مڙس ۽ 4 ورهين جو پٽ به موجود هو.
يارلي ايشلي جا سوشل ميڊيا تي 3 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن، هوءَ سوشل ميڊيا تي ڪڪنگ ۽ لائف اسٽائل بابت وڊيوز ٺاهي هئي.
You might also like