ڪراچي ۾ وري تيز مينهن شروع، شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز هوا سان گڏ برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
ڪراچي جي علائقن گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد، نيو ڪراچي، ڪورنگي، ملير، لانڍي، ايئرپورٽ، ڪلفٽن، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ هوائون گهلڻ کانپوءِ تيز مينهن شروع ٿي ويو.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ سڀاڻي به برسات جو امڪان ظاهر ڪندي شهري ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو آهي.
هوڏانهن شهر ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا سوين فيڊر اڃا تائين بند آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.