”سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ايم ڪيو ايم 40 سالن ۾ نه ڪري سگهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اهو ڪري ڏيکاريو، جيڪو ايم ڪيو ايم 40 سالن ۾ نه ڪري سگهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته فاروق ستار کي شڪايت وزيراعظم سان آهي پر ڪاوڙ سنڌ حڪومت مان ڪڍي رهيو آهي، ذاتي شڪايتن کي سياسي ايجنڊا ۾ تبديل ڪرڻ فاروق ستار جي پراڻي روايت آهي.
هن چيو ته ڪالهوڪي برسات جو جواز بڻائي 17 سال بدعنواني جو الزام هڻڻ وائڙائپ جي نشاني آهي، ايم ڪيو ايم کي نه وسارڻ گهرجي ته ڊگهي عرصي تائين اهي اقتدار ۾ شريڪ رهيا، ڪراچي جا شهري اڄ به ايم ڪيو ايم جي ڪرپشن سبب ڀوڳي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ايم ڪيو ايم 40 سالن ۾ نه ڪري سگهي، شهر جا اهم علائقا ڪجهه ڪلاڪن ۾ معمول تي اچي ويا ته ايم ڪيو ايم وائڙي ٿي وئي، برسات قدرتي عمل آهي پر ايم ڪيو ايم اتي به سياست چمڪائڻ کان نه مڙي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.