ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان شاهينز جي ٽين ڪاميابي، ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز کي 107 رنسن تان مات

ڊارون (ويب ڊيسڪ) ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي 23هين ميچ ۾ پاڪستان شاهينز ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز اڪيڊمي کي 107 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊارون ۾ پاڪستان شاهينز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 202 رنسون ٺاهيون، معاذ صداقت 104 ۽ ياسر خان 51 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز اڪيڊمي جي ٽيم 95 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان شاهينز طرفان مبصر خان 3، مهراڻ ممتاز، فيصل اڪرم 2-2، شاهد عزيز ۽ معاذ صداقت هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته سيريز ۾ پاڪستان شاهينز جي ٽيم 5 ميچن مان 3 ۾ ڪاميابي ماڻي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.