پرڏيهي وزيرن جون ڳالهيون، سي پيڪ کي افغانستان تائين واڌ ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون ٽي ملڪي ڊائلاگ ڪابل ۾ ٿيو.
پرڏيهي کاتي موجب اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٽنهي ملڪن دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ واپار، ٽرانزٽ، علائقائي ترقي، صحت، تعليم ۽ ثقافتي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پرڏيهي کاتي موجب اجلاس ۾ سي پيڪ کي افغانستان تائين واڌ ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.