ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان سان کيڏڻ ڀارتي رانديگرن جي مجبوري آهي: گواسڪر

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان خلاف کيڏڻ کي ڀارتي رانديگرن جي مجبوري قرار ڏئي ڇڏيو.
سنيل گواسڪر پنهنجي ڪرڪيٽر جي حق ۾ چيو ته جيڪڏهن اهي پاڪستان خلاف کيڏي رهيا آهن ته مٿن تنقيد نه ٿيڻ گهرجي، کيڏڻ يا نه کيڏڻ رانديگرن جي هٿ ۾ ناهي، رانديگر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ حڪومت تي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، جيڪڏهن فيصلو حڪومت جو آهي ته رانديگرن تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته رانديگر ان معاملي ۾ لاچار آهن، جيڪڏهن حڪومت کين چوندي ته کيڏندا جيڪڏهن نه چوندي ته نه کيڏندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.