ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مينهن وسندو ته پاڻي گڏ ٿيندو، مينهن بس ٿيو ته پاڻي ڪڍي وٺنداسين.
ڪراچي ۾ نرسري واري هنڌ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته موسمي تبديلي جا اثر سڄي دنيا تي پئجي رهيا آهن، گذريل 12 ڪلاڪن ۾ 200 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، سموري انتظاميا، مڪاني ادارن جو عملو ۽ مان پاڻ روڊن تي آهيان، عوام جي مدد ڪري رهيا آهيون، برسات جو بيٺل پاڻي ڪڍي رهيا آهيون.
هن چيو ته اڄ عام موڪل جي اعلان باوجود ماڻهو گهرن مان نڪتا آهن، ماڻهن کي پاڻ به خيال رکڻ گهرجي، موڪل جو مطلب آهي ته گهرن ۾ رهو، اسان جون ڪوتاهيون هونديون پر حڪومت ڪم ڪري رهي آهي.
Prev Post
You might also like