وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل پاران خيبر پختونخواهه جو دورو، متاثرن کي مڪمل سهڪار جي خاطري

بونير (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پهچي ويا.
وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سڀ کان اڳ سوات پهتا، جتان بونير روانا ٿيا، هنن متاثر علائقن جو فضائي جائزو ورتو.
دوري دوران کين ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پوءِ وزيراعظم متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ امدادي چيڪ ورهايا.
ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کين مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي جي عمل کي تيز ۽ حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.
وزيراعظم پاڻي جي لنگهن تي غير قانوني حد دخلين، ٽمبر مافيا ۽ غير قانوني مائننگ ۽ ڪرشنگ سرگرمين کي جاني ۽ مالي نقصان جو ڪارڻ قرار ڏيندي سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو.
فيڊل مارشل عاصم منير به متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف پاڪ فوج، پوليس ۽ سول انتظاميا جي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف جوانن جي جذبي کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.