ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۾ 15 ڄڻا فوت، اڄ ۽ سڀاڻي وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات سبب مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 15 ٿي ويو.
ڪراچي ۾ برسات سبب روڊن تي بيٺل پاڻي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته برسات سبب مختلف حادثن ۾ ٻار ۽ عورت سميت 15 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
ڪي اليڪٽرڪ جا 240 فيڊر اڃا تائين بند آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي.
چوماسي هوائون نار بنگال ۽ عربي سمنڊ کان ملڪ جي ڏاکڻي حصي تي اثرانداز آهن ۽ انهن هوائن جي اثر هيٺ اڄ ۽ سڀاڻي وڌيڪ برسات جو امڪان ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.