ممبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ ڀارت جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو.
15 رڪني اسڪواڊ جي قيادت سوريا ڪمار يادو ڪندو، جڏهن ته شبمن گل کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻين رانديگرن ۾ اڀيشڪ شرما، تلڪ ورڪا، هارديڪ پانڊيا، شيوام دوبي، اڪشر پٽيل، جتيش شمار، جسپريت بمرا، ارشديپ سنگهه، ورون چڪرورٿي، ڪلديپ يادو، سنجو سيمسن، هرشيت رانا ۽ رنڪو سنگهه شامل آهن.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏيو ويندو.
Next Post
You might also like