برساتن ۾ فوتين جو انگ 670 ٿي ويو، سوين لڙهي ويا

اسلام آباد(رپورٽر) اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ بريفنگ ڏيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته تازين برساتن ۾ 670 ڄڻا فوت ٿيا، گڏيل ڪوششن سان 25 هزار ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمون ڳولا جي عمل ۾ مصروف آهن ۽ ٻوڏ ۾ وهي ويلن جي به تلاش ڪري رهيون آهن، بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ روڊن جو ڍانچو سخت متاثر ٿيو آهي، ٻن انجنيئر بٽالين کي خيبرپختونخوا ۽ ٻن کي گلگت ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ هينئر تائين 6 هزار کان وڌيڪ زخمين جو علاج ڪيو ويو آهي، هن چيو ته آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي هدايتن تي اضافي يونٽن کي سرگرم ڪيو ويو آهي، 3 ميڊيڪل يونٽون گلگت ۽ خيبرپختونخوا ۾ مقرر آهن، هن وقت بونير ۾ ٻه بٽالين موجود آهن، بونير ۽ شانگلا ۾ ميڊيڪل يونٽون سرگرم آهن، زخمين کي علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، ميڊيڪل بٽاليئن کان علاوه سي ايم ايچ راولپنڊي مان به ٽيمون موڪليون ويون آهن، متاثرن تائين راشن روڊ وسيلي ۽ هيليڪاپٽر ذريعي به پهچايو پيو وڃي،

آرمي چيف جي هدايت تي فوج جو هڪ ڏينهن جو راشن به مخصوص ڪيو ويو هو، اطلاعات واري وزير عطاءُ تارڙ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ سسٽم تيار ڪيو ويو هو، پهرين ڏينهن کان ئي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو آهي ته قومي آفت ۾ سڀ گڏجي ڪم ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.