بابر ۽ رضوان کي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جا مشورا ملڻ لڳا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد گڏيل عرب امارتن ۾ شيڊيول ٽه ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ مان ڊراپ ڪرڻ اسٽار بيٽر بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي رٽائرمينٽ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
تنوير احمد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ”ٻنهي کي هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، جيڪڏهن بابراعظم ۽ رضوان کي لڳي ٿو ته هاڻي سندن قدر نه پيو ٿئي ته پوءِ کين عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ بابت فيصلا ڪرڻ گهرجن، هن ان سلسلي ۾ ويرات ڪوهلي جي مثال به ڏنو.“
اڳوڻي فاسٽ بالر موجودا ٽيم سيلڪشن تي به خدشا ظاهر ڪيا ۽ ڪيترن ئي فيصلا تي سوال اٿاريا، جڏهن ته هن فخر جي ٽيم ۾ شموليت تي به حيرت جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.