حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سانگھڙ ۾ سانگھڙ مبينا آپگهات ڪندڙ نجي ٽي وي چئنل جي صحافي خاور حسين گاڏي جي لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، خاور حسين جي لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڪيو ويو.
ان حوالي سان پوليس سرجن ڊاڪٽر وسيم خان چيو ته اعليٰ اختيارين جي هدايت تي خاور حسين جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي، فائنل رپورٽ کان اڳ صحافي جي آپگهات يا قتل بابت ڪا به راءِ نٿي ڏئي سگهجي.
پوليس سرجن ٻڌايو ته فارنزڪ ماهرن سميت ميڊيڪل بورڊ 3 ماڻهن تي ٻڌل آهي، ڪجهه نمونا ورتا ويا آهن، هاڻي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي راءِ قائم ڪري سگهبي.
ڊاڪٽر وسيم خان جو چوڻ هو ته خاور حسين جي جسم تي تشدد جو ڪو نشان ناهي مليو، ٻيهر ڪيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي صحافي خاور حسين جا والدين آمريڪا کان ڪراچي پهچي ويا، جتان هو سانگھڙ لاءِ روانا ٿي ويا.
ڪراچيءَ جناح ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس والد رحمت علي ٻڌايو ته منهنجو پٽ خودڪشي نه ٿو ڪري سگهي، هو بهادر انسان هو، کيس قتل ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي.
واضح رهي ته2 ڏينهن اڳ سانگھڙ جي حيدرآباد روڊ تان ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي خاور حسين جو سندس ئي ڪار مان لاش هٿ آيو هو.
پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ظاهري طور لڳي ٿو ته خاور حسين پنهنجي پستول سان پاڻ کي گولي هنئي، صحافي جي لوندڙيءَ ۾ لڳل گولي سندس پنهنجي لائسنس يافته پستول جي آهي.