ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف 13هين ڏينهن به مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (پ ر/ نمائندن وٽان) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 13ھين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا، ملير جي علائقي شاھ لطيف ٽائون ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، منان شيخ، فياض اتيرو، جنسار هيسباڻي، ايڊوڪيٽ عابد جوڻيجو، علي راض جوڳي ، لال چند ، ضمير لغاري ، سينگار بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمداڻي ھوٽل شاھ لطيف کان  مين نيشنل ھاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي وئي ڪشمور  ۾  فدا حسين محمداڻي، ضمير حسين چنا، عبدالحميد ملڪ، عبدالرزاق شيخ، رئيس شير محمد چاچڙ، اندر لعل، جبار سنڌي، جميل چاچڙ، ڪامران شيخ، شھزاد دايو، غازي نصيب ﷲ کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ھوڏانھن تنگواڻي ۾ مرڪزي اڳواڻ ارصلاح بھلڪاڻي، ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي، سجاد بروهي، سچل ملڪ، سرور گاجاڻي، سرور جعفري، رحمت الله ڇڄڻ، شوڪت ڀيو، راشد ڀيو، وزير بھلڪاڻي، اسماعيل ملڪ، شيران باجڪاڻي، جيتو رام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص ۾ شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، بابو نوحاڻي، ايڍوڪيٽ ذاڪر حسين لغاري، مقصود ڀرڳڙي، رازو ڪولھي، حسين خاصخيلي، وزير ريٻاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باھو کوسو ۾ ناصر ڪنراڻي، علي وفا بروھي، نظر بگٽي، اختر ڊومڪي، سينئر صحافي عبدالوحيد بلوچ، زرينا بلوچ، زرياب خان، ڪونج ڪنراڻي، واھي پانڌي ۾ سنڌياڻي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ اميرزادي برھماڻي، گل حسن برھماڻي، گل بھار رستماڻي، ڪامريڊ شھزاد، ڪامريڊ عروسه، باغي بشير برھماڻي ميرواھ گورچاڻي ۾ شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مقصود احمد ڀڳڙي،  وزير رهٻاري، حسين خاصخيلي، هادي بخش ڀرڳڙي، ڪامريڊ رازو مل  سيکھاٽ ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ ضلعي مٽياري جي صدر فضا ملاح، نعيم جان خاصخيلي، جاگير حسين ملاح، دلبر اوڏ،ڪامريڊ افضل سولنگي، غلام نبي اورنگي ٽائون جي بلوچ ڳوٺ ۾ اشفاق چنڙ، شاھنواز ڀنڊ،حسين سنڌي، سلامت گاڏي، پير بخش ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳوآڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرن کي خطاب ڪندي فرحان لاڙڪ، اميرزادي برھماڻي، شوڪت نوحاڻي، منان شيخ، فدا محمداڻي، ناصر ڪنراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته خراب حڪمراني سنڌ جي امن، صحت، تعليم، بلديات، زراعت سميت سمورو نظام تباھ ڪري ڇڏيو آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.