سنڌ ۾ڪرپشن، ناانصافي ۽ لُٽ مار جي بازار گرم آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان جساف سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي صدر ۽ جسقم جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ حسن جوڻيجو ۽ جيڪب آباد بيگاري ڪينال جي معزز شخصيت، مڱريا برادري جي چڱي مڙس فياض احمد مڱريو مگسي هائوس تي ملاقات ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مٿان مڙهيل جاگيردار طبقو سنڌ جي تاريخي ۽ سياسي وجود لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻيل آهي. پ پ پ سنڌ ۾ جاگيرداري، وڏيرا شاهي ۽ ڪرپٽ حڪمران طبقي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو پورهيت طبقو بدترين معاشي، سماجي ۽ سياسي ڏکن ۾ جڪڙيل آهي. سنڌ جو عام ماڻهو غربت، بيروزگاري، بيمارين، بک ۽ بدحالي ۾ پسجي رهيو آهي، جڏهن ته حڪمران شاهانه زندگي گذاري رهيا آهن.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪرپشن، ناانصافي ۽ لُٽ مار جي بازار سنڌ ۾ گرم آهي. حڪومت عوام کان ٽيڪسن ۽ مهانگائي جي ذريعي رت چوسي رهي آهي، پر بدلي ۾ عام ماڻهو کي بنيادي سهولتون جهڙوڪ روزگار، تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي به نٿو ملي. سنڌ جا وسيلن تي ڌارين جو قبضو آهي ۽ سنڌي عوام کي مسلسل محروم رکيو ويو آهي. سنڌ جي تباهيءَ ۾ صرف ڪرپٽ حڪمران نه پر اسٽيبلشمينٽ پڻ ذميوار آهي، جيڪا هميشه سنڌ دشمن قوتن کي طاقتور بڻائي ٿي. اسٽيبلشمينٽ جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي سنڌ تي مڙهي عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ جمهوريت نالي جي ۽ حڪمراني ڪرپٽ ٽولي جي حوالي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.