سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي ته سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود ڪي به سنڌ ۾ قدم نه کنيا ويا آھن. واھن ۽ شاخن جي کاٽي ناھي ٿي. بند مضبوط نٿا ڪيا وڃن. ٻوڏ دوران حڪومتي نمائندن، وزيرن جون زمينون ۽ فصل بچائڻ لاءِ هٿرادو گھارا ھڻي غريب ماڻھن جا ڳوٺ ۽ ننڍن آبادگارن جا فصل ٻوڙيا وڃن ٿا. پوليس، ايريگيشن، تعليم، صحت سميت ھر کاتو ڪرپشن جي دلدل ۾ ٻڏل ھجڻ ڪري عوام بنيادي حقن ۽ انصاف کان محروم آھي. پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمرانيء سنڌ جي سمورن ادارن جي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته غريب عوام، پورھيت، ھاري ۽ مزدور انصاف لاءِ سڀ کان پھرين پوليس وٽ وڃن ٿا پر اتي رشوت کانسواءِ ڪنھن جي فرياد به نٿي ورتي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي، جنھن ڪري جن وٽ پئسا ناھن، اھي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن. ڪرپشن جي ڪري غير قانوني پرڏيھي ڪرپٽ آفيسرن ذريعي شناختي ڪارڊ کان وٺي ھر ڪاغذ ٺھرائين ٿا. دھشتگرد قانون جي پڪڙ کان پري رھن ٿا. سنڌ جون سرڪاري زمينون بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.