جسم طرفان ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو  چيو آھي ته سنڌ ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عرصو هٿرادو طور ڌاڙيل گردي دهشتگري رشوت خوري جو راڄ قائم آھي اهو راڄ جوڙيو ئي ان ڪري ويو آھي ته ڌرتي ڌڻين جي روزگار جا وسيلا  لٽجن  پيا ماڻھن کي محتاجي ۽ خوف واري صورتحال ۾ رهائجي اهو اسان کي قبول ناهي، اهڙن خيالن جو اظھار محاذ سربراهه رياض علي چانڊيو ڪراچي ڊويزن جي تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تختگاهه ڪراچي ۾ شروع ڪيو ويو آھي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڌاڙيل گردي جي حوالي آهي  ۽ هتي ڪراچي ۾ هاڻي منشيات ۽ ٽارگيٽ گلنگ جو راڄ برپا ڪيو ويو آھي جئين ڊاڪٽر شنبو لال گذريل 25 سالن کان لياري جي ماڻھن جي خدمت ڪندو رهيو ان کي قتل ڪيو ويو اها کلي دهشتگردي آھي ته سنڌي هندو خوف جو شڪار ٿين جيئن سکر لاڙڪاڻي ۾ غير محفوظ آھن ايئن ڪراچي ۽ به مقامي سنڌي هندو ٽارگيٽ ٿين ٿا سنڌ جي اندر هي جيڪو هٿرادو گنڊا راڄ آھي ته سنڌ جا لکين نوجوان بيروزگار آھن روزگار جا جيڪي وسيلا آھن ڪارخانه، ڪراچي پورٽ، نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون آھن  انهن بندش وڌي آھي نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪن پيا جيڪي به ٿورا نوڪرين ۾ آھن انهن تي دهشتگردي جا ڪيس هڻي جيلن حوالي ڪيو وڃي ٿو ڪورنگي ملير ڪراچي اولھه  سينٽرل سائيٽ ايريا جا سڀ ادارا سنڌي ماڻھن لاءِ سيڪورٽي جي نالي تي بند ڪيا ويا آھن شھر جي اندر ڊاڪٽرن انجنيئرن ۽ مقامي نوجوانن کي پوليس ٽارگيٽ ڪري ڏوهاري ڄاڻائي قتل ڪري ٿي اهو سلسو نئين سر شروع ڪيو ويو آھي جنهن جي خلاف 31 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.