لاهور (م ڊ) نامياري صحافي، تجزيه نگار ۽ ڪالم نويس سهيل وڙائچ پنهنجي تازي ڪالم ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته هو “يو ٽرن” وٺي ملڪ ۽ پنهنجي سياست کي بچائي، سهيل وڙائچ لکيو ته، “ڊيئر قيدي! توهان جي حمايت ڪندڙ ظاهر ۾ توهان سان محبت ڪن ٿا پر حقيقت ۾ توهان جي بيانيي کي اوزار بڻائي توهان کي ئي سياسي طور يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جون معاشي تباهي بابت سموريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، حڪومت ۽ طاقتور ڌرين ملڪ کي بحران مان ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي بيانيي ۽ خواهشن کي بار بار شڪست ملي.هن وڌيڪ لکيو ته عمران خان کي ڀٽو جهڙو سانحو نه ورجائڻ گهرجي، معافي ۽ سياسي لچڪ ذريعي جيل مان نڪرڻ ئي عملي حڪمت عملي آهي. توهان پاڻ به چوندا هئا ته يو ٽرن سٺا هوندا آهن، هاڻي ملڪ جي استحڪام لاءِ هڪ يو ٽرن وٺو، ايندڙ چونڊن تائين خاموش رهندا ته سڀ ڌريون لاءِ قابلِ قبول ڊيل ٿي سگهي ٿي، سهيل وڙائچ چيو ته موجوده حڪمت عملي سان ڪو وڏو سياسي فيصلو ممڪن ناهي، اصل قيادت هاڻي يوٽيوب وارا ڪري رهيا آهن جيڪي عمران خان کي پنهنجي مرضي جو روبوٽ بڻائي چڪا آهن. عوام غيرمقبول فيصلا به قبول ڪندا، ان ڪري ڊيل ذريعي آزادي وٺڻ ئي عمران خان لاءِ وڏي فتح هوندي.